ڀٽو، مدهوش

ڀٽو، مدهوش

ڀٽو مدهوش

ڀٽو، مدهوش: شاعرِ مدهوش ڀُٽي جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالرحمٰن ڀٽو آهي. سندس جنم 6 نومبر 1969ع تي بنگل ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ مان، انٽر 1986ع ۾ رتيديري مان ۽ بي. اي 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي. مدهوش ڀٽو، پاڪستان ٽيليفون ۽ ٽيليگراف محڪمي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي. کيس شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان وٺي هو، سندس والد به پنهنجي وقت جو هڪ سٺو شاعر هو. هن جي والد کي سبزيءَ جو دڪان هو، جتي وقت جا مقامي شاعر ايندا رهندا هئا. مدهوش انهن محفلن ۾ استاد غلام نبي ’راهڪ‘ کان شاعريءَ جي بنيادي ڄاڻ حاصل ڪئي. ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران فارغ وقت ۾ رتيديري شهر ۾ اخبارن ۽ رسالن جو اسٽال به کوليائين، جنهنڪري سندس صحافت طرف لاڙو ٿيو. هن علم عروض جي باقاعدي سکيا واجد منگي، مقصود گل ۽ سرمد چانڊئي کان حاصل ڪئي.
مدهوش ڀُٽي شاعر اهلبيت طور حمد، نعتون، قصيدا، نوحا، منقبتون وڏي تعداد ۾ لکيون آهن. هن سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ پڻ لکيو آهي. سندس نوحا سنڌي ۽ اردوءَ جي مشهور نوحه خوانن: غلام شبير سمي، الطاف حسين سمي، ماسٽر فتح علي، عرفان حيدر ۽ ٻين چيا آهن.
هيءُ پي. ٽي. وي جي محرم جي خصوصي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندور رهيو آهي. هو شاعر اهلبيت سان گڏ ذاڪرِ اهلبيت به آهي. سندس مذهبي شاعريءَ تي مشتمل ڪتاب ’ميڙيل موتي‘ ڇپجي چڪو آهي. مجازي شاعريءَ ۾ غزل سندس پسند جي صنف آهي. سندس شاعري منظور سخيراڻي، غلام شبير سمي، غلام علي سمي، الطاف سمي ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. رياضت ٻُرڙي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’مون ڏات انوکي آندي آ‘ ۾ سندس تعارف ۽ غزل شامل ڪيا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.11.06  عيسوي

شاعرِ مدهوش ڀُٽي جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالرحمٰن ڀٽو آهي. سندس جنم 6 نومبر 1969ع تي بنگل ديري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پورن هولا رام تيجڀانداس
مراد علي شر
مير عباس علي خان ٽالپر
پرمانند پياسي
اصغر گوزائي
دلپت صوفي
رضوي سيد علي مدد شاهه
احمد خان مدهوش
حبيب ساجد
سعيد سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون